پنوعاقل ۾ بدامني، هڪ ڏينهن ۾ 3 موٽرسائيڪلون چوري

پنوعاقل(رپورٽ: مبين انڍڙ)پنوعاقل شهر جي سٽي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني برقرار آهي، شهر مان هڪ ڏينهن اندر 3 موٽر  سائيڪلون چوري ٿي ويون،سٽي ٿاڻي جي حد مجاهد ميڊيڪل اسٽور وٽان علي نواز سولنگي جي چائنا 2010 ماڊل ۽ گول مسجد وٽان شڪور انڍڙ جي سي ڊي 2018 ماڊل ۽ جڏهن ته غوثيه پمپ وٽان علي محمد مهيسر جي سي ڊي 2017 ماڊل موٽرسائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري ويا ، شهر ۾ وڌندڙ بدامني پوليس ضابطو نه آڻي سگهي آهي هلندڙ هفتي سٽي ٿاڻي جي حد مان 6 موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.