گهوڙا ٻاري لڳ ڀلوڙ ڏاند چوري، ڀاڳين جي مزاحمت تي هٿ

گھوڙاٻاري (ن ع آ) گھوڙاٻاري ور شهر ويجھو ڳوٺ عثمان جاڙو ۾ رات دير سان چور احمد جاڙو جا ڀاڄ جا ٻه ڀلوڙ داند ڳوٺ عثمان جاڙو مان چوري ڪري فرار ٿيڻ لڳا ته ڀاڳيا جاڳي پيا جيڪي چورن جا پيرا کڻندي مختلف ڳوٺن کان ٿيندي ڳوٺ بچل چانڊيو تي اچي پيرا ڇڏيا جٿي چورن ڏاند ٿم ڪيا ھئا اھڙو اطلاع حد جي ايس ايڇ او مختيار ڪلھوڙو کي ڏنو ويو جنهن وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو پوليس جي وڏي ڳولھا بعد ٿم مان چوري ٿيل چار ڏاند ھٿ ڪيا ويا جڏهن ته ڪجھه ڏينهن اڳ جت برادري جي ڳوٺ حاجي ڀاڳيو جت رھواسي رشيد جت جا پڻ ٻه ڏاند چوري ٿيل ھئا انھن سميت چارئي ڏاند ٿم مان ھٿ ڪيا ويا جڏهن ته ھڪ چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ 7 ٻڪر ٻڪرين سميت پوليس ٽن جوابدارن شير چانڊيو، ستار چانڊيو، رحمان عرف گوڙو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جي بھترين ڪارروائي ۽ سٺي سھڪار تي ڀاڳين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ايس ايڇ او گھوڙاٻاري مختيار حسين ڪلهوڙو، اي ايس آءِ راجا ظفر، اي ايس آءِ رسول بخش پنھور جن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خوشي جو اظھار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.