ڊائلاسز جي موتمار علاج کان بچائڻ وارا سولا حَل!

هونئن ته صحت مند انسان جي لاءِ نَنهن جي چوٽي ۾ لڳل نَٿُور به عذاب بڻجي ويندي آهي. ڪير پاڻ کي ڪيترو به طاقتور ڇو نه سمجهي پر عام طور تي پوندڙ مٿي جو سور هجي يا ڪو ٻيو ننڍي کان ننڍو مسئلو ماڻهو کي پريشان ڪري ۽ منجهائي ڇڏيندو آهي.

ڪجهه بيماريون اهڙيون هونديون آهن جن جو علاج عارضي طور تي ڪرائي انهن مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهبو آهي جڏهن ته ڪجهه بيماريون وري اهڙيون به هونديون آهن جن جو لڳاتار علاج ئي جياپي لاءِ ضروري هوندي آهي.

انکانسواءِ ڪجهه بيماريون ته اهڙيون هونديون آهن جن جو علاج ڪرائڻ باوجود به انسان جي زندگي ڏينهون ڏينهن موت جي منهن ڏانهن وڌندي ويندي آهي، انهن جو ڀلي ڪيترو به علاج ڪجي پر انهن ختم ڪڏهن به ناهن ٿيڻيون هونديون. علاج رڳو انهن بيمارين جي فوري طور نقصان کان بچڻ يا انهن کي هلڪو ڪرڻ جي لاءِ ئي هوندو آهي. انهن بيمارين جو جيڪڏهن علاج نه ڪرائجي ته اهي انسان جي حياتي کسي سگهنديون آهن.

اهڙي ئي بيمارين مان هڪ گردا مڪمل طور تي خراب، غير فعال ٿيڻ واري بيماري آهي جنهن جا سبب ته ڪيترائي آهن پر ان جي حل لاءِ رڳو ٻه ئي رستا آهن يا ته ماڻهو تاحيات ڊائلاسز واري عمل مان گذرندو رهي يا وري ٻيو گردو ٽرانسپلانٽ ڪرائي ان مرض مان جند ڇڏائي. اڄ جي دور ۾ گردو ڏيڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي اهو ته سڀ ڪو پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو.

ڊائلاسز ڇا آهي؟ يا وري ڊائلاسز جي ضرورت ڇو پوندي آهي؟

حقيقت ۾ ڊائلاسز انسان جي جسم ۾ موجود رت کي هٿرادو طريقي سان فلٽر ڪرڻ وارو هڪ عمل آهي.

ٿيندو ائين آهي ته اهڙي مريض کي هڪ ٻن مُنهنُ واري ڪينولا ان جي ٻانهه ، ٽنگ يا ڳچي جي ڪنهن رڳ ۾ لڳائي ويندي آهي. جنهن جي هڪ منهن جو رنگ ڳاڙهو جڏهن ته ٻئي جو بِلو هوندو آهي.

هاڻي توهان سوچيندا هوندا ته ٻن منهن واري ڪينولا ڪيئن؟ يا وري انهن جي رنگن جو مطلب ڪهڙو؟

اسپتال يا ڊائلاسز سينٽر تي هر مريض جي ڀرسان هڪ مشين پيل هوندي آهي جيڪا انسان جي رت کي فلٽر ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي.

انسان جي رت کي فلٽر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته رت کي ٻاهر ڪڍجي؟ ڇو ته رت صاف ڪندڙ گردا فيل ٿي چڪا آهن.

ان مشين ۾ اها رت پهچائڻ لاءِ ڳاڙهي رنگ واري ڪينولا ۾ هڪ ٻئي نلڪي ايڊ ڪبي آهي جيڪا مشين جي مدد سان انسان جي جسم مان رت کي ڇِڪي ڪڍندي آهي، اها نلڪي اهڙي رائونڊ صورت جي هوندي آهي ته جو مشين جي مختلف حصن ۽ مرحلن مان ٿيندي منڌ واري ڇيڙي تائين واپس اچي بِلو رنگ واري ڪينولي جي منهن ۾ ڳنڍبي آهي.

هاڻي توهان سوچيندا هوندا ته اهو وري ڇو؟

انسان جي رت ڳاڙهي رنگ واري ڪينولا ذريعي نڪري مشين جي مختلف حصن ۽ مرحلن کان فلٽر رهندي آهي جنهن عمل دوران رت ۾ موجود کاڌي پيتي جا ذرا خاص طور تي پاڻي جو مقدار رت مان الڳ ٿي هڪ الڳ جاءِ يا ٿيلهي ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي. جنهن وقت رت پاڻي کان الڳ ٿي صاف ٿي ويندي آهي ته اها وري ڪينولا واري بِلو منهن ذريعي انسان جي جسم ۾ واپس ٿيندي ويندي آهي.

اهڙي مريض کي اهو خطرناڪ عمل هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا ڪرائڻو هوندو آهي جنهن دوران رت جي سڙڻ، بلڊ پريشر، شگر سميت ٻيا به خطرا هوندا آهن.

ان ٽن کان چئن يا ڇهن ڪلاڪن تائين واري ٿيندڙ ان ڊائلاسز واري عمل ۾ مريض جي هر ننڍي ننڍي ڳالهه کي مانيٽر ڪيو ويندو آهي. ان عمل دوران ٿڌ لڳڻ ۽ بخار جو ٿيڻ عام ڳالهه هوندي آهي ڇو جو انسان جو جسم قدرتي طور مخصوص گرمي پد رکي ٿو. ڀلي جو توهان ڪنهن ٿڌي جاءِ ايتري قدر جو اي سي ۾ ويهو تڏهن به توهان جي اندر جي مشينري توهان جي اندر کي گرم رکيون ايندي آهي.

ان عمل دوران جڏهن رت انسان جي جسم مان ٻاهر نڪري نڪلين ذريعي مشين تائين اچ وڃ ڪندي آهي ته اها ٻاهرين ماحول ۾ ٿڌي ٿيندي ويندي آهي جنهن جي ڪري سيءُ لڳڻ يا بخار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.

هاڻي توهان اهو اندازو لڳايو ته اهو عمل ڪيڏو ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي؟

ان سان گڏ اهو به سوچو ته اهو عمل اسان جي جسم ۾ موجود گردن جي مدد سان پاڻمرادو ڪهڙي نموني ٿيندو رهي ٿو؟

حيران ڪندڙ طور تي رت جي فلٽر ٿيڻ وارو اهو عمل قدرتي طور تي اسان جي جسم ۾ روزاني جي بنيادن تي هڪ، ٻه، ٽي يا چار نه پر ڇٽيهه ڀيرا ٿيندو آهي.

هاڻي اهو اندازو لڳايو ته انسان ڪيڏو نه خوش قسمت آهي جو روزاني جي بنياد تي ڇٽيهه ڀيرا قدرتي طور تي بنا تڪليف واري قدرتي ڊائلاسز عمل ذريعي صحتمند بڻيل آهي.

هاڻي اچون ٿا اهم موضوع تي، ڇا ڪو ئي به ماڻهو پاڻ کي ڊائلاسز تائين پهچائڻ چاهيندو؟ يا ڀلا ڪير پنهنجي گردن کي هٿ سان خراب ڪري انهن کي غير فعال بڻائيندو؟

يقينن نه !

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اسان جي ماحول ۾ اهڙا ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي اڻڄاڻي توڙي ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي ڊئلاسز واري عمل ڏانهن ڍڪي رهيا آهن؟

گردا فيل ٿيڻ جا ڪيترا ئي سبب آهن، جهڙوڪ الڪوهل واپرائڻ، سگريٽ ڇڪڻ يا دونهون واپرائڻ جو عمل به ڦڦڙن سميت گردن تي پوندو آهي.

گهٽ پاڻي پيئڻ به گردن جي صلاحيت کي متاثر ڪندو آهي.

ان سان گڏ لوڻ جي گهڻي استعمال سميت ٻيون به ڪيتريون ئي عام ڳالهيون آهن جن جو نقصان سِڌو سنئون گردن تي پوندو آهي ۽ نتيجي طور ماڻهو ڊائلاسز واري عمل مان گذرندو آهي.

انسان روزاني بنيادن تي ڪيترائي ڀيرا اهڙا عمل ڪندو رهندو آهي جن جي ڪري ان قدرتي طور ٿيندڙ ڊائلاسز واري عمل ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو آهي، اهي عمل ڪهڙا آهن؟

توهان جا ننڍڙا عمل مڪمل طور تي نه پر ٿورو ٿورو ۽ آهستي آهستي توهان جي گردن تي اثر ضرور ڇڏيندا آهن.

انڪري سڀني کي گهرجي ته پاڻ سان دشمني ختم ڪري قدرتي طور ڊائلاسز واري عمل ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ بند ڪيو ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکو. ڇو ته صحت خدا جي طرفان ملندڙ وڏي ۾ وڏي نعمتن مان هڪ آهي ۽ ان جو شڪر ادا ڪرڻ ۽ انکي سنڀالڻ عالم انسان تي فرض آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.