صدر عارف علوي سيڪيورٽي شيرين مزاري ڏانهن اماڻي پاڻ نامعلوم هنڌ روانو

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  صدر عارف علوي مسلسل ڳجهيون ملاقاتون ڪري  عمران خان کي رليف ڏيارڻ جي لاءِ  سرگرم آهي ، هڪ ڳجهي ملاقات جو پي ٽي آءِ پاڻ ئي ڦاٽ  ڦاڙي وڌوآهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته آچر واري رات صدر عارف علوي پنهنجي سيڪيورٽي کي حڪم ڏنو ته  شيرين مزاري جي رهائشگاهه تي پهچو  ڇوته ان سان ملاقات ڪرڻي آهي ، سيڪيورٽي عملو ٻن گاڏين تي سوار ٿي شيرين مزاري جي گهر پهتو ۽ صدر عارف علوي ڪنهن ٻي هنڌ  ڳجهي ملاقات  لاءِ هليو ويو ڇوته شيرين مزاري سيڪيورٽي وارن کان  آمد جو پڇيو ته  کيس ٻڌايو ويو ته  صدر عارف علوي اوهان سان  ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي.

ان بعد شيرين مزاري ايوان صدر رابطو ڪيو ته کيس ٻڌايو ويو ته  صدر جو اوهان ڏانهن اچڻ جو ڪوبه پروگرام نه آهي ، جنهن کانپوءِ شيرين مزاري ٽوئيٽ ڪيو ته هي ڪهڙو ملڪ آهي جو چارديواري ۾ به محفوظ نه آهيون  ان تي وري سندس ڌيءَ ايمان مزاري ڊي جي آءِ ايس پي آر کي ٽوئيٽ ٽيگ ڪري احتجاج ڪيو ، صحافي سليم صافي  جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي ٻه ڏينهن ڪراچي ۾ هو ۽ ڳجهيون ملاقاتون ڪري واپس ٿيو ۽ وري ڪنهن ڳجهي ملاقات لاءِ ويو هو، هو عمران خان کي  اسيمبلي ءَ ۾ با عزت واپسي جو دڳ  ڏيارڻ لاءِ سرگرم آهي

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز سومر 2022-09-26 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.