گلشن اقبال ۾ متاثرن لاءِ سهولتن جي کوٽ، ٻارڙي فوت

گلشن اقبال( رپورٽ شفقت نوناري) ڪراچي جي نادرن باءِ پاس جي عمر بروھي لڳ قائم خيما بستي جا ھزارين برساتي ٻوڏ متاثر ضلعي  ويسٽ جي ڊي سي غلام قادر ٽالپر ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ طرفان ڪا بـ واھر نـ ٿيڻ ڪري بي يارو مددگار ويٺل آھن متاثرن جي کاڌ خوراڪ صحت ڪي سھولت ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي گھرج پوري ڪرڻ لاء قدم نـ کڻڻ ڪري سخت ڏکيائن کي منھن ڏئي رھيا آھن کاڌ خوراڪ ۽ صحت جي سھولت اڻپوري ھجڻ سبب متاثر مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن ۽ بکن ۾ پاھ ٿيڻ لڳا آھن انتظامي نااھلي ۽ علاج جي سھولت نـ ھئڻ سبب ضلعي جيڪب آباد جي شيرانپور جي رھواسي ٻن ورھين جي معصوم نياڻي سھانا ڌيء منور چانڊيو ڌي علاج لاء تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو معصوم نينگري جي فوت ٿيڻ واقعي بعد خيما بستي ۾ سوڳ وارو ماحول پئدا ٿي ويو آھي . ھزارين برساتي ٻوڏ متاثر ماڻھن ۾ مايوسي پکڙيل آھي خيما بستي جي متاثرن جي سرڪاري واھر نـ ٿيڻ ڪري سماجي ادارن ۽ مخير ماڻھن جو بـ خيما بستي جي رھواسين ڏانھن ڌيان نـ ھئڻ ڪري ھزارين رھواسي سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن ھوڏانھن بيماري سبب فوت ٿي ويل معصوم نينگري جي جنازي نماز دوران وارثن سميت ھر اک آلي نظر آئي معصوم نينگري جي تدفين ۽ ڪفن دفن جو انتظام ال اخير ويلفيئر ٽرسٽ جي چيرمين سيد احمد شاھ ڪاظمي طرفان ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.