عثمان شاهه هڙي لڳ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، هزارين ايڪڙ فصل ٻڏل

عثمان شاهه هڙي ( ن ع آ ) عثمان شاھ ھڙي سميت تعلقي جهنڊو مري جي يوسيز ميرآباد، هنگوراڻي، ڊاسوڙي، ٽنڊوسومرو، عثمان شاھ ھڙي، ميل موري شاھپورضوي  هزارين خاندان متاثر ٿيا، سوين ڳوٺن مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال مڪمل نه ٿي سگهيو آھي، تازو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي سان تعلقي جهنڊومري جي علائقن جو دورو ڪري واسطدار ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو جمڙائو ڪينال تي لڳل الفٽ مشينن ذريعي ضلع انتظاميابااثر جي زمينن جو پاڻي ڪڍرايو پيو وڃي پر برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺن برساتي پاڻي نڪري نه سگهيو، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فضل  برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آبادگار ۽ هاري طبقو سخت پريشان علائقي روزگار جا مواقعا نه هئڻ سبب غريب ماڻھو پريشان اڃا تائين متاثر روڊن رستن تي ويٺل متاثرين راشن ڪٿان نه ڪٿان ملي ٿو پر متاثرين اهڙا ڪيترا ئي ڳوٺ آھن جن ۾ سفيد پوش ماڻھو موجود آھن، جيڪي تمام گهڻو متاثر ٿيا آھي  سندن گهر ڊھي پٽ پئجي ويا پر کين ڪنهن قاسم جو امداد نه پيو ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.