بٺوري ۾حڪومت جي اعلان باوجود عوام کي سستو اٽو نه مليو

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺوري ۾حڪومت جي اعلان باوجود عوام کي سستو اٽو نه مليو، واپارين فلور ملز تان سستو اٽو نه ملڻ تائين ساڳيو  اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اٽي جو اگهه وڌي 120 رپيا في ڪلو تائين ٿيڻ بعد حڪومت عوام کي سستو اٽو فراھم ڪرڻ لاءِ 65 رپيا في ڪلو اٽو مهيا ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ان جي باوجود بٺورو ۽ آسپاس سستو اٽو عوام کي فراهم نه ٿي سگهيو ۽ اٽي جو ساڳيو اگهه 120 رپيا في ڪلو برقرار آهي، جڏهن ته واپارين مطابق کين فلور ملز تان سستو اٽو فراھم نه ٿيو آهي جنهن سبب اٽي جا ساڳيا اگهه برقرار رکيا ويا آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي خوراڪ کاتي جي عملدار سليمان پليجو ٻڌايو ته ايندڙ ٻن ڏينھن ۾ سبسڊي مليل اگهه وارو اٽو فلور ملز مالڪن کي فراهم ڪيو ويندو، جيڪو سجاول ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ واپارين وٽ دستياب هوندو، جيڪو عوام کي 65 رپيا في ڪلو مهيا ٿي سگهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.