ٻاهرين امداد باوجود سنڌ ۾ خوراڪ ۽ خيمن جون صدائون، احتجاج، ترقياتي فنڊ منجمد

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرن جي لاءِ ٻاهرين ملڪن مان امدادي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن.  هوڏانهن جوهي جي سوين ڪلو ميٽرن تي پکيڙيل ھٿرادو ٻوڏ جي پاڻي متاثرن لاءِ زندگي جيئڻ ۾ ڏکيائيون وڌائي ڇڏيون يوسي ڪمال خان جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙڻ بعد 10 فٽن کان مٿي پاڻي ھڪ مهيني کان  بچي ويل متاثرين کي گهيري ۾ قيد رکي ڇڏيو جوهي جي  صحافين جي ٽيم متاثرين وٽ ٻيڙين وسيلي  ڳوٺ رحيم بخش چنه پهتي جتي سروي رپورٽ دوران متاثرين ڏکن مان روئي ويٺا ٻئي طرف يوسي ڪمال خان جي ٻوڏ متاثرين ڳوٺ رحيم بخش چنه جي ٻوڏ متاثرين کي هڪ مهيني کان خيما راشن دوائن سميت گهربل سهولتون نه ملڻ تي وزير اعلي سنڌ / پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي / پ پ ايم پي اي جوهي سيد صالح شاھ جيلاني ڊي سي دادو خلاف متاثرين مسمات حنيفان . مسمات رحيمان، مسمات صفل مسمات جنت عبدالله، چنه ، منير احمد ، حميد چنه ، هزار علي ،خير محمد ، محمد عمر ، محمد عيسي چنه ۽ ٻين معصوم ٻار نياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقع تي ٻوڏ متاثرن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته يوسي جوهي جي ڪمال خان جي ايم اين وي ڊرين کي هٿ سان ڳوٺ ڇپر جمالي کان ڪٽ ڏياراء يوسي ڪمال خان جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙائي ناس ڪري ڇڏيو حڪومتي ڌر جو ڪوب چونڊيل نمائندو هن ڏکئي وقت ۾ پڇڻ به ناهي آيو نه ئي عارضي رهائش لاء خيمه  کاڌي لاء راشن ڏنو آھي هوڏانهن قاضي احمد تعلقي جي يونين ڪائونسل ڏيڙان جي چيئرمين نور محمد چانڊيو ضلع ڪائونسل ميمبر شبير احمد چانڊيو پاران  برسات متاثرين جي واھر نه  ڪرڻ ۽ آيل راشن ٽينٽ مڇردانيون  پنھنجن من پسند ماڻھن کي ڏيڻ يوسي ڏيڙان جي مختلف ڳوٺن جي ماڻهن سڪندر علي چانڊيو گل بھا چانڊيو پٺاڻ جتڳئي خالد جتوئي الھ بخش چانڊيو بابو کوسو معشوق چانڊيو شبير چانڊيو ممتاز چانڊيو دلدار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ايڊمور پئمپ کان پريس ڪلب قاضي احمد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پيپلزپارٽي  تعلقي صدر عبدالنبي جمالي اي سي قاضي احمد ضلع ڪائونسل ميمبر شبير چانڊيو يوسي چيئرمين نور محمد چانڊيو خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ ان موقعي تي صحافين آڏو داھيندي چيو ته اسان جي يوسي جي حقيقي برسات متاثرن کي نظرانداز ڪندي ڪا به شئي نه ٿي ڏني وڃي

ڪراچي(رپورٽر) وفاق ۽ سنڌ سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏي جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هاڻي وڏو مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، بيماريون ڦهلجڻ ڪري جانورن توڙِ انسانن  جا وڏا مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. اهڙو اظهار غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي کاتي جي وفاقي وزير  شازيه مري ۽  سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، وفاقي وزير شازيا مري چيو ته وفاقي سرڪار ايجنٽ جو سسٽم ختم ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحقن جا اڪائونٽس کولرائڻ جو پروگرام سوچي پئي، جيئن بنا ڪنهن ڪٽوتي جي پئسا مستحقن جي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿي وڃن، ڪٽوتين جون شڪايتون گهڻيون آيون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڳڻتي جوڳي حالت آهي، سنڌ ۾ تمام خراب صورتحال آهي، ڪي اين شاه، قمبر، ميهڙ ۾ وڏي تباهي آئي آهي، ٻوڏ سبب ڪيترائي ضلعا متاثر ٿيا آهن ان ۾ منهنجو ضلعو سانگهڙ به متاثر ٿيو آهي، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو تمام وڏو مرحلو اچڻ وارو آهي اهو آهي، تمام وڏي آبادي کي نقصان ٿيو آهي، پاڻي هجڻ ڪري بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، ننڍا ننڍا ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، بي زبان جانور مري رهيا آهن. هن چيو ته 8 کان 10 ڪيس اهڙا به ڪيس پڪڙيا آهن جيڪي جعلي طريقي سان مستحق جا پئسا ڪڍرائي ويا آهن، انهن جي رڪوري به ڪئي پئي وڃي،  سنڌ سرڪار جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته بينظير زندگي ۾ به نظير هئي ۽ شهادت کانپوءِ به بينظير آهي،عوام دوست وفاقي حڪومت ساڍا 25 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته مليريا جا هڪ لک 48 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، 24 ڪلاڪن ۾  221 ڪيس ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن،27 ڄڻا ڊينگي سبب فوت ٿيا آهن، سمورن 27 ڄڻن جو تعلق ڪراچي سان آهي، ڪراچي جي اوڀر ضلعي ۾ حالت خراب آهي.هوڏانهن سنڌ حڪومت ٻوڏ صورتحال سبب ڪراچي کان علاوه صوبي جي سمورن ضلعن جا ترقياتي فنڊ منجمد ڪري ڇڏيا، منصوبابندي ۽ ترقياتي کاتي سمورن سيڪريٽرين کي خط ذريعي آگاهه ڪري ڇڏيو، هلندڙ سال سنڌ ۾ 4 هزار 158 ترقياتي رٿائن لاءِ 332 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، ترقياتي فنڊن مان 118 ارب جاري ڪيا ويا، 20 ارب خرچ ٿيا.هوڏانهن سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي امداد ۽ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي سربراهي ۾ ڪميٽي 6 مهينن ۾ جاچ پڙتال بعد رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪندي، 11 رڪني ڪميٽي ۾ ايم پي اي اويس شاهه، گهنوراسراڻ، مجيب الحق، شهريار شر، سيد امير حيدر شاهه، نسيم، عبدالجبار، راڻا انصار ۽ ٻيا شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.