لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ صحت کاتي پاران مفت ڪئمپ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي طرفان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر سيد اطھر حسين شاهه جي سهڪار سان لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ صحافين ۽ انهن جي ڪٽنب لاءِ هڪ ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي.  جنهن ۾ ڊپٽي ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سخير الله پٺاڻ، ڊاڪٽر مقبول چانڊيو، ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد، ٽيڪنيش محمد قاسم عباسي، محمد اسلم ڍڪڻ، سلطان چانڊيو سميت ٻين ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي طرفان صحافين ۽ انهن جي ڪٽنب جو طبي معائنو ڪري مليريا، ڪنگهه، بخار، چمڙي، ڊائريا ۽ ٻين مرضن جون دوائون ڏنيون. ڪئمپ ۾ مليريا ٽيم طرفان 49 کان وڌيڪ ماڻهن جي مليريا ۽ شگر جي ٽيسٽ ڪرائي وئي جنهن ۾ 17 ماڻهن جي مليريا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ تي متاثرن کي 14 ڏينهن جون دوائون ڏنيون ويون.

  • لعلو رائنڪ جي ڳوٺ شھبيگ مغيري ۾ پاڻي بيٺل، ماڻهو بيمار

لعلورائنڪ (ن ع آ) لعلو رائنڪ لڳ ڳوٺ شھبيگ مغيري مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو جڏهن ته لاڳيتو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري  مڇرن ڳوٺاڻن کي بيمار ڪري ڇڏيو.ڳوٺاڻن جاويد مغيري، ھمٿ مغيري، ايوب مغيري، دلشاد مغيري،غلام عمر مغيري ۽ انور مغيري عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته. برساتن ۾اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، فصل ٻڏي ويا، پاڻي اڃا تائين ڳوٺ جي چئو طرف بيٺو آهي، جنهن ڪري ننڍڙا ٻار وڏا ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.هنن چيو ته سمورو ڳوٺ ٻڏي ويو آهي، ڪا به شئي ناهي بچي، ان جي باوجود ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا ڪنهن فلاحي تنظيم يا وري سرڪاري ادارن اسان جي سار نه لڌي آهي، جنهن سبب اسين عذابن واري زندگي گهاري رهيا آهيون. . هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جا ٻارڙا بک ۽ بيمارين سبب مري رهيا آهن،خدا جي واسطي اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ اسان جي ٻارڙن جو علاج ڪرايو وڃي.

  • ڊرٻ ميهر شاهه ۽ ڀرپاسي مال کي ويڪسين ڪرڻ لاءِ ڪئمپون قائم

ڊرٻ ميهر شاھه (ن ع آ) تازو شروع ٿيل برساتن بعد چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽  لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مختلف علائقن ۾ چوپائي مال کي ويڪسين سميت علاج ڪرڻ لاءِ ڪئمپون قائم ڪري گشتي ٽيمون جوڙي ورتيون آهن.  جيڪي پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهن ان حوالي سان پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي قائم مقام صدر اڳوڻي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر گل بهار ناريجو صدر جون ڀٽيون .ڪوٽ مير محمد .پريالو ۾ قائم ڪيل فري وٽنڙي ميڊيڪل ڪئمپن جو جائزو ورتو .ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن جو گذر سفر هڪ زراعت تي ٻيو چوپائي مال تي آهي برسات سبب ماڻهن جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ علائقن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيڻ سبب چوپائي مال کي مختلف بيماريون ڦهلجڻ جو انديشو آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتو جوڳا اپاءَ وٺي چوپائي مال کي وچڙندڙ بيمارين کان بچاء جا ٽڪا ۽ وئڪسين ڪري هزارين روپين جون مفت دوائون فراھم ڪيون پيون وڃن.

  • نصيرآباد ۾برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

نصيرآباد  (ن ع آ)  نصيرآباد شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي مھراڻ ڪالوني جي مسلسل صفائي نه ٿيڻ ۽ ٽائون انتظاميا  پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ۽ محلي واسين گاجي کھاوڙ روڊ کان ٽائون ڪاميٽي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.  ٽائون ڪاميٽي جي گيٽ آڏو ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڪامريڊ دلدار ايري، اسد الله ايري ۽ٻين چيو ته ٽائون انتظاميا نااهل ٿي چڪي آهي ھن مھل تائين برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، انتظاميا صرف ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آهي، جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر عيد گاهه مان پاڻي نه ڪڍيو ويو ۽محلي جي صفائي نه ڪئي وئي ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا خلاف ٻيھر ڌرڻو هنيو ويندو.

  • اڏيرو لعل وليج ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

اڏيرولعل وليج (رپورٽ معشوق علي قمبراڻي( يوسي شيرمحمد ٺوڙها جي ڳوٺ جمع شھوڪ جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ برسات متاثر جي سار نه لهڻ تي انتظاميہ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.  تفصيل موجب : اڏيرولعل لڳ نيشنل ھاءِ وي روڊ تي مشتمل ڳوٺ جمع شھوڪ ۾ علي شير شھوڪ، رجب علي شھوڪ، اشرف شھوڪ، گل محمد شھوڪ، مبين شھوڪ، لال محمد شھوڪ، اصغر شھوڪ، علي محمد شھوڪ، ارشاد علي شھوڪ، علي اڪبر شھوڪ، محبوب علي شھوڪ، سڪندر علي شھوڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ برساتن سبب گهرن ۾ چار کان پنج فٽ  پاڻي بيهجي ويو آھي ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آھن  پاڻي سبب تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھيون اڃا تائين  پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي ۽ ھن مهل تائين ڊي سي توڙي چونڊيل نمائندن مان ڪنهن به سار ناهي لڌي برسات بعد معصوم ٻارن توڙي عورتن سميت ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آھن مسلسل برسات پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار آھي ڳوٺاڻا اذيت واري زندگي گذارڻ لڳا آھن پر ضلعي ايڊمنسٽريشن طرفان ڪنهن بہ اسان جي واهر ناهي ڪئي برسات متاثر ٿيل خاندانن کي سرڪاري امداد راشن ٽينٽ مڇردانين سميت ڪجھ ناهي ڏنو ويو چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميان هميشہ هن ڳوٺ کي بنيادي مسئلن ۾ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي هنن هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ وزيراعلی سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي  نوٽيس وٺي ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي هتان جي برسات متاثر خاندانن  جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

  • سپريو بند ايم اين وي ۽ ايف پي بندن تان به پاڻي ۾ لاٿ

ميھڙ (ن ع آ)  فريدآباد ڀرسان سپريو بند ايم اين وي ۽ ايف پي بندن تان به پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آھي جڏھن ته بندن کي لڳل گھارن  سبب ڪاڇي جي علائقن جي سوين ڳوٺن ۾ 25 ڏينھن کان پاڻي گھرن ۾ بيٺل آھي.  جنھن سبب ڪيتريون ئي جڳھيون ڪرڻ لڳيون آھن جڳھين ڪرڻ جي خوف سبب وڏي تعداد ۾ مختلف ڳوٺن ۾ ترسيل ماڻھون ٻاھر بندن تي اچي ويھي رھيا آھن جنھن جي ڪا به واھر نه ٿي سگھي آھي ھوڏانھن فريدآباد سميت ميھڙ جي آس پاس پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن مان ٻيڙي ذريعي نامعلوم چور پھچي گھرن مان گارڊر لڪڙا ۽ گھرن مان ٻيو سامان چوري ڪرڻ جا واقعا به وڌي رھيا آھن پر انتظاميه ڪو به قدم نه پئي کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.