سنڌ جي عوام کي ملڪ جو شھري نٿو سمجھيو وڃي: نور احمد ڪاتيار

حيدرآباد (پ_ر) عوامي ورڪرس پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلهو عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو ھائوس قاسم آباد، حيدرآباد پھچي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، اظھار دائودپوٽو، ڄام تماچي، ڪاشف ملاح، اياز صالح پليجو ۽ حميد انقلابي سان ملاقات ڪري 25 سيپٽمبر تي حيدرآباد سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين “مينھن نه ٻوڙيو سرڪار ۽ نظام ٻوڙيو” جي عنوان سان عوامي ورڪرس پارٽي طرفان اعلانيل احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻن کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلھو ڳالھائيندي چيو ته سنڌ کي مينھن نه ٻوڙيو آھي پر سنڌ سرڪار جي بي حسي، ڪرپٽ ۽ انسان دشمن نظام ٻوڙيو آھي. وڏيرن، جاگيردارن، سردارن ۽ ڀوتارن ڪٿي درياهه جي قدرتي لنگهن تي قبضو ڪري ته ڪٿي پنھنجون زمينون، ڪاروبار ۽ ڪمپنيون بچائڻ لاءِ سم نالن، شاخن ۽ واھن کي ڪٽ ڏئي لکين ماڻھن جا گھر ٻوڙي بي گھر ۽ دربدر ڪيو آھي. ھن جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام ۾ ماڻھو بک وگھي مري رھيا آھن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي عوام کي ھن ملڪ جو شھري نٿو سمجھيو وڃي. امير طبقي لاءِ الڳ ۽ غريب طبقي لاءِ الڳ قانون آھي. امير طبقي کي حڪمراني ڏيارڻ لاءِ رات جو ٻه  وڳي به ملڪ جون عدالتون کلن ٿيون پر سنڌ جي 3 ڪروڙ ماڻھن کي ھٿ وٺي ٻوڙائي بي گھر ڪري دربدر ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.