زيرو پوائنٽ ڪٽ ڌرڻا انا بڻجي ويا، لکين ماڻهو دربدر، مريض ڏچي ۾، انتظاميا تماشائي!

ڪلوئي/ مٺي/ بدين/ (رپورٽ: نواز لنڊ + غازي بجير + رازق ڏنو کوسو) ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳائڻ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ لڳل ڌرڻا ڪالهه چوٿين ڏينهن به جاري رهيا، جنهن سبب مٺي عمر ڪوٽ سميت مختلف ننڍن وڏن شھرن جو رابطو مڪمل طور ڪٽيل آهي، ڄار جي پتڻ کان گذرندڙ گاڏيون به روڊ سم نالي جي حالت خراب ھجڻ سبب بند ٿي ويون، بيمار ماڻھون اسپتالن ۾ علاج لاءِ پھچي نه سگھيا، مٺي ويندڙ ماڻھون ڏيپلو کان خراب رستي ذريعي سفر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثر ماڻھن کي کاڌي پيتي وارو سامان به چئن ڏينھن کان روڊ بند ھجڻ پھچي نه سگھيو آھي، بدين جي رپورٽر موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪٽ لڳائڻ واري ڌرڻي ۾ ايندڙ ماڻھن وٽ خطرناڪ ھٿيار به سندن گاڏين اندر موجود ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، بدين کان ٿرپارڪر مٺي اسلام ڪوٽ طرف ويندڙ ننڍيون وڏيون مسافر گاڏيون چئن ڏينھن مڪمل طور بند ھجڻ ۽ ٿر ڪول طرف ويندڙ سامان بدين جي حدن مختلف ھوٽلن ۽ پيٽرول پمپن تي گاڏيون چئن ڏينھن کان وٺي لوڊ ٿي بيٺل آھن، ڌرڻي اڳيان ضلعي انتظاميه بدين ۽ ٿر پارڪر سموريون ڪوششون وٺڻ باوجود ناڪام بڻجي ويئي آھي سمورا ادارا روڊ کي کولرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آھن، ڪلوئي جي رپورٽر موجب زيرو پوائنٽ ڪٽ وارو معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي جهڏو، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد ۽ ٻين شهرن کان آيل ماڻهن شادي لارج بائي پاس تي ڌرڻو جاري رکيو، سندن چوڻ آهي ته قدرتي وهڪرن جي بحالي تائين جاري رهندو ڀلين هڪ مهينو لڳي وڃي. هوڏانهن ڪٽ خلاف هزارين مقامي ماڻهن نيوي موڙ تي به ڌرڻو جاري رکيو، سندن چوڻ آهي ته زيرو وٽان ڪٽ ڏيڻ سان ٻه لک ماڻهو ۽ هزارين جانور ٻڏي ويندا، ذريعن موجب ضلعي انتظاميا بدين ۽ ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر جي انتظاميا ڌرڻي وارن مان هٿ ڪڍي وئي آهي جنهن ڪري ڪنهن به وقت وڏي جهيڙي جو امڪان آهي، هوڏانهن روڊن بند هجڻ ڪري متبادل روڊ تان بدين کان ڊليوري جو آپريشن ڪرائي واپس ايندڙ هڪ عورت جا ايمبولينس ۾ ٽانڪا کلي ويا، جيڪا تڪليف سبب دانهون ڪندي رهي، مٺي جي رپورٽر موجب آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽان ڪَٽ ڏيڻ وارو معاملو تڪراري بڻجڻ بعد لکين ماڻهن جي پريشاني جو سبب بڻجي ويو آهي، چئن ڏينهن کان ٿر جو ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته نئوڪوٽ وٽان ايل بي او ڊي جو پاڻي اور ٽاپ ڪري وڃڻ ڪري نئوڪوٽ کان ميرپورخاص،حيدرآباد ۽ ڪراچي ويندڙ روڊ هڪ مهيني کان بند پيل آهي، اهڙي صورتحال سبب ٿر جا لکين ماڻهو سفري سهولتن کان رهجي ويا آهن ۽ ايمرجنسي صورتحال دوران مريض ريفر ڪرڻ لاءِ به ڪٿان رستا کليل ناهن، ڌرڻن کي پ پ جي چونڊيل نمائيندن جي حمايت حاصل هجڻ ڪري سنڌحڪومت به خاموش تماشائي بڻجي وئي آهي، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته سنڌحڪومت ۽ پ پ جي مرڪزي قيادت ڪَٽ واري تڪرار مان فائدو کڻڻ ۽ رليف واري ڪم جا ڏينهن اڳتي ڌڪڻ جو پلان جوڙيو آهي، ڄاڻايل پلان تحت جهڏو، نئوڪوٽ، شادي لارج سميت ٻين علائقن جي هزارين ماڻهن تائين امدادي سامان پهچي ناهي سگهيو، حڪومت ڪَٽ نه ڏيڻ واري معاملي مان فائدو وٺندي ٻوڏ متاثرين کي احتجاج ۾ لڳل ڏسي تماشو ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.