ڪراچي واسين ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين ۾ ڪچرو اڇلائڻ شروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) شهري حڪومت جو ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي بلن ۾ وصول ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ڪراچي واسين جو خت ردعمل سامهون آيو آهي، شهرن  ۾ جن هنڌن تي ڪچرو موجود آهي، شهرين ڪي اليڪٽرڪ جي شڪايتي مرڪز ۽ 118 تي ڪال ڪري شڪايت داخل ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ احتاجن ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين ۾ ڪچرو وجهڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي، سوشل ميڊيا تي اها مهم زور پڪڙي رهي آهي ته شهري حڪومت جو ٽيڪس جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ وصول ڪندي ته گهرن، گهٽين، پاڙن ۾ ڪچرو کڻڻ لاءِ ڪي ايم سي وارا نه اچن ته شهري اهو ڪچرو آسپاس گذرندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪنهن به گاڏي ۾ وجهي ڇڏين، جيڪڏهن گاڏي نه ملي ته پوري گهٽي جو ڪچرو گڏ ڪري ويجهي ڪي اليڪٽرڪ سينٽر ٻاهر ڇڏي ڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.