شهدادڪوٽ ۾ متاثرن کي ڪچا چانور فراهم، گيسٽرو سبب نينگري فوت

شھدادڪوٽ ( ع آ نيوز ) برساتي ٻوڏ سبب کاڌ خوراڪ سميت هر شي تباھ ٿيڻ بعد لکين متاثر بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي چڪا آهن, سندن حالت تمام گھڻي خراب آهي، جيڪي گذريل 34 ڏينهن کان کليل آسمان هيٺ بنا ڇت جي روڊن ۽ رستن تي ويٺل آهن، انهن جي حالت ته خراب ٿي ويئي آهي پر سرڪار پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل متاثرن جي حالت به انھن کان وڌيڪ خراب نظر اچي رھي آهي جن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ معياري کاڌ خوراڪ به ٺيڪ نموني سان نه ٿي ڏني وڃي,جنهن ڪري متاثر پيٽ,ڳلي ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن,ان حوالي سان شھدادڪوٽ جي موٽر وي روڊ تي سرڪار پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل 8 ورھين جي صفيا مگسي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويئي آهي جن جي وارثن خضدار موٽر وي تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو, جتي ھنن انتظاميا تي الزام ھنيو ته صاف پاڻي فراھم نه ڪرڻ ڪري سندس نياڻي فوت ٿي آهي ھوڏانھن تعلقي ميروخان جي ھڪ سرڪاري ڪئمپ ۾ سرڪار طرفان جيڪا ٻوڏ متاثرن کي کاڌ خوراڪ فراھم ڪئي پئي وڃي ان خوراڪ سرڪار جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي,کين ملندڙ کاڌو ڪچو ۽ غيرمعياري ھئڻ ڪري متاثر دانھون ڪري رھيا آهن سندن چوڻ آهي ته سندن کي روزانو ڪچا چانور ۽ گندو پاڻي ڏنو پيو وڃي جنهن بيمار ڪري ڇڏيو آهي,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.