خانپورمهر ويجهو موٽرسائيڪلن جي دڪان کي باهه، لکن جو نقصان

خانپورمهر (ن ع آ)خانپورمهر ۾ سردار ڳڙهه روڊ لڳ  موٽر سائيڪلن جي دڪان کي باھ لڳڻ ڪري لکين رپين جو نقصان دڪان ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، خانپورمهر ۾ قائم سردار محمد بخش خان مھر جي مارڪيٽ ۾ ويٺل  مستري عبدالقادر سولنگي جي چمن آٽوز نالي دڪان کي رات دير سان باھ لڳندي ئي سمورو سامان ۽ ست موٽر سائيڪلون اسپيئر پارٽ جو سامان سڙي رک ٿي ويو  دڪان مالڪ مستري عبدالقادر سولنگي موجب رات دير سان اچانڪ شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي جلد باھ وڪوڙي وئي اطلاع ملندي ئي پهتاسين پاڙي وارن ۽ فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ضابطو آندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.