عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جا متاثر انصاف لاءِ سراپا احتجاج

گلشن اقبال( ن ع آ)   ڪراچي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين جي احتجاج کي ٻـ مھينا مڪمل ٿي ويا مگر انصاف سندن لاء تمام گھڻو ڏور سنڌ سرڪار غازي ڳوٺ جي رھواسين سان اڃان تائين انصاف نـ ڪري سگھي بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدار ڪارواين کان آجا بڻيل خبرموجب ڪراچي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين جي احتجاج کي ٻـ مھينا مڪمل ٿي ويا مگر انصاف سندن لاء ھڪ خواب بڻيل آھي سنڌ سرڪار غازي ڳوٺ جي متاثر رھواسين سان ٻـ مھينا گذرڻ باوجود ھن وقت تائين انصاف نـ ڪري سگھي غازي ڳوٺ جي رھواسين سياسي سماجي تنظيمن طرفان 60 ڏينھن بـ احتجاج جاري رکندي بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اعجاز سامٽيو الطاف ميمڻ اشفاق عابسي عادل شھنشاھ سيال ضمير حسين شبير پٺاڻ ۽ ٻين چيو تـ بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن جي زيادتين خلاف اسان جي احتجاج کي ٻـ مھينا مڪمل ٿي ويا آھن انصاف نٿو ٿئي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي اسان جو احتجاج جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.