ڪنڌڪوٽ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، خلق پريشان

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ شھر ۾ گذريل 15 ڏينھن کان کان وٺي شھر جي مختلف محلن ورڪشاپ، مسڻ روڊ، گلشير محلو باءِ پاس، سبزي مندي لڳ عيد گاھه پاڙو، چنا پٽي غريب آباد، ڊگري ڪاليج لڳ جسڪاڻي پاڙي سميت ڪافي محلن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا پاڻي نيڪال نه ڪرائي سگھي ڪافي ڏينهن کان بيٺل پاڻي جي سطح ۾ سج جي تپش سبب گھٽتائي ٿي آهي پر سوين گھر اڃان تائين پاڻي جي گھيري ۾ آهن جيڪي شھري پنهنجي گھرن ۾ موجود آهن اھي مجبورن گندي پاڻي مان گذري اچ وڃ ڪري رھيا آهن پر ھنن تائين ڊي سي، اي سي سميت ڪو به عملدار مدد ڪرڻ لاءِ نه پھتو آھي ڪافي گھر ڪيترائي ڏينهن پاڻي بيھڻ ڪري ڪِرڻ لڳا آهن بيٺل پاڻي رنگ تبديل ڪري سائو ٿي ويو آهي جنهن ڪري بدبوء ۽ بيماريون تيزي سان پکڙجي رھيون آهن ھنن بيمارين جو ور شھر جي غريب مسڪين عوام آهي صحت کاتو به بي بس نظر اچي رھيو آهي ڪا به ميڊيڪل ڪيمپ جي سھولت شھرين کي نه ڏني وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.