گهرن ۾ سولر پينل هڻندڙ به بل ڀريندا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ بجلي جي مهانگن بلن کان بچڻ لاءِ گهرن ۾ سولر سسٽم هڻندڙ واهپيدار به هاڻي پريشاني جو شڪار آهن.
ان جو سبب اهو آهي ته ملڪ ۾ بجلي سپلاءِ کي ريگيوليٽ ڪندڙ کاتو نيپرا پنهنجي قانون ۾ اهڙي ترميم ڪرڻ وارو آهي جنهن سان نيٽ ميٽر ذريعي واپڊا کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ماڻهن کي ويهه سيڪڙو تائين نقصان ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن کي هاڻي بل به ادا ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.
ذريعن موجب هزارن جي انگ ۾ واهپيدارن نيپرا جي رجسٽرار کي خط لکي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
نيپرا طرفان گذريل مهيني جاري ڪيل نوٽيس تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي جنهن تحت هاڻي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنيون سولر واهپيدارن جي گهرن ۾ پيدا ڪيل بجلي وڌيڪ گهٽ قيمت تي خريد ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.