برسات سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو، اهڙي ٻوڏ ڪڏهن ناهي ڏٺي: سعد رفيق

 

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي ٽريڪ جو معائنو ڪري جلد بحاليءَ جي ڪوشش ڪندس.

اهڙن خيالن جو اظهار هن جيڪب آباد جي دوري دوران ڪيو.

خواجا سعد رفيق چيو ته برساتن سنڌ ۽ بلوچستان کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو اثر ريلوي ٽريڪ تي به پيو، ريلوي جا انجنيئر گڏ آھن، ريلوي ٽريڪ جو معائنو ڪري بحالي لاءِ ڪوشش ڪندس.

سندس چوڻ هو ته اھڙي ٻوڏ تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺي، ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن،  ريلوي لائين مڪمل بحال ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.

وفاقي وزير چيو ته ڪوڙ ڳالھائي عوام کي لولي پاپ نه ڏينداسين، ماڻھن کي مٺو پاڻي به فراھم ناھيون ڪري سگھيا، غلطيون تسليم ڪري اڳتي وڌڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.