ڊينگي وائرس تيزيءَ سان پکڙجڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊينگي وائرس جي پکيڙ ۾ تيزيءَ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو.

ڪراچي ۾ ڊينگي جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 201 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مريضن جو انگ وڌڻ سان سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ بسترا کٽي پيا آهن.

سنڌ بلڊ ٽرانس فيوزن اٿارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر دُرِ ناز قاضي جو چوڻ آهي ته ڊينگي وائرس پنهنجي شڪل تبديل ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته هيل تائين ڪراچي ۾ مرضن کي 29 هزار کان وڌيڪ پليٽيليٽس لڳايا ويا آهن، ان کانسواءِ عوام جي سهولت لاءِ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊينگي ٽيسٽ جي فيس 3 هزار رپين مان گهٽ ڪري 850 رپيا ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.