چمبڙ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل، ڊي سي آفيس آڏو احتجاج

ٽنڊوالهيار ( ڊ ر) تعلقي چمبڙ جي 200 کان مٿي ڳوٺن جي ماڻهن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويو مظاهرين طرفان انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي راڄوڻي اتحاد اڳواڻ مير مرتضي اوٺو . يوسف بوزدار . فدا حسين چوهاڻ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جا علائقا مڪمل طور پاڻي هيٺ آهن پر ضلعي انتظاميه صرف من پسند علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرائي رهي آهي جڏهن ته ٽينٽ ۽ راشن به من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته برساتي پاڻي بيهڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي اسان جا ٻار ٻچا توڙي بزرگ ڊينگي وائرس . مليريا ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن اسان جا جانور مري رهيا آهن اسان جا علائقا سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن پر ڪنهن کي به پرواه نه آهي هنن الزام هڻندي چيو ته ڊي سي صرف پيپلز پارٽي جي جيالن جي امداد ڪري رهيو آهي ڇا راشن ۽ ٽينٽ صرف جيالن لاء آيا آهن هنن گهر ڪئي ته پاڻي جا قدرتي رستا کوليا وڃن جيئن پاڻي سمنڊ ۾ هليو وڃي جيڪڏهن اسان جي علائقن مان پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.