آريجن ۽ ڀرپاسي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، بيماريون وڌڻ لڳيون

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا ڀرسان ڳوٺ جھنڊو سھڙو ، قلندر آباد ، عبدالصمد تونيو، ڳوٺن جي معزز ماڻھن جنھن ۾ الطاف حسين تونيو، معشوق علي تونيو، مختيار علي تونيو،  استاد محمد جمن سھڙو، حاجي سڪندر سھڙو، نحمد اويس سھڙو، رحيم بخش شيخ، شفيع محمد بروھي، ديدار حسين ڏھر، محمد صديق ڏھر،  فيض محمد ڏھر پريس ڪلب خير محمد آريجا ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته گذريل برساتن پوڻ جي ڪري اسان جي ڳوٺن ۾ 5/8 فٽ پاڻي بيھجي ويو آھي. جنھن ڪري اسان جون سوين جايون ڊھي پٽ ٿي ويو آھن ۽ اسين ڳوٺ ۾ سڪل جاءِ تي خيما لڳائي ويٺا آھيون ۽ ڪجھه ماڻھو ڪئمپ ۾ ويٺل آھن، مال وند ماڻھو آھيون اسين سخت پريشاني جو شڪار آھيون برساتي پاڻي بيھڻ جي ڪري بدبو زھريلا جيت مڇر ٿيا آھن، مليريا ، گيسٽرو ۾ اسان جا ڪافي ٻار وٺجي ويا آھن ڍور ۽ گڏھ به گندي پاڻي پيئڻ جي ڪري مري ويا آھن، پ پ چيئرمين، وڏو وزير،ايم اين اي ۽ ايم پي اي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.