ٺل جي تعليمي ادارن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، تعليم متاثر

ٺل ( ن ع آ ) ٺل تعلقي جي تعليمي ادارن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب اسڪول ۾ پڙهائيندڙ تعليمي ماهرن توڙي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پريشان آهن، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٺل جي گورنمنيٽ بوائز هاءِ اسڪول عبدالقادر شاهه جيلاني ۾ 2 کان ٽي فوٽ پاڻي بيٺل آهي،جيڪو گذريل ٽن هفتن کان بيهڻ جي ڪري علائقي ۾ بدبوءِ ٿي وئي آهي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ گذريل هڪ مهيني کان وٺي برساتي پاڻي 3 کان چار فوٽ بيٺل آهي، ،ٻئي طرف ٺل جي ڊگري ڪاليج سميت ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ برسات متاثر ترسيل آهن،جنهن ڪري اسڪولن ۾ تعليمي نظام هلڻ ڏکيو ٿي پيو آهي،ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي استادن ٻڌايو ته اسڪولن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي جيڪو نيڪال ناهي ٿي سگهيو، فوري طور تي اسڪولن مان برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائڻ سان گڏ تعليمي ادارن ۾ تعليمي نظام بحال ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.