عوام جي لٺ کي آواز نه هوندو آهي

دنيا جي خاص توڻي عام ملڪن ۾ اهو آئيني طور قبول ڪيل آهي ته رياست ۾ رهندڙ ڪنهن به شخص کي تحفظ ڏيڻ رياست جي اولين ذميواري آهي.

اسانجو ملڪ جنهن سان پهرين نسبت مسلمان ملڪ جي جڙيل آهي ۽ ٻين نسبت جمهوري ملڪ جي جڙيل آهي پر محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته  هو اهي ٻئي نسبتون وساري ويٺو آهي يا پنهنجي آئين مان خارج ڪري چڪو آهي ڪن به دليلن کانسواءِ جيڪڏهن ملڪ جون فقط اڄوڪيون اخبارون پڙهيون وڃن ته مٿين ڳالهه جا چٽا ثبوت ميسر ٿي ويندا. ڪنهن به تجربي توڻي تبصري جي اها ڳالهه چٽي آهي ته سموري دنيا ۾ تباهه ڪاريون ٿينديون رهنديون آهن، پوءِ انهن تباهه ڪارين جا سڀ ڳوليا ويندا آهن. دنيا اندر، ٻوڏون، برساتون، باهيون، زلزلا وغيره ايندا رهندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي سبب فطرت جي اصولن جو حصو هونديون آهن.

حڪومتون اهڙن حادثاتي موقعن لاءِ ڪي ادارا جوڙينديون آهن، ڪي وزارتون جوڙينديون آهن، ڪي اٿارٽيون جوڙينديون آهن جيئن انهن حادثن کي وقتي طور مُنهن ڏئي سگهجي ۽ وقت گذرڻ کانپوءِ مستقل حڪمت عمليون جوڙي اهڙا قدم کڻنديون آهن جيئن اڳ ٿيل حادثن کان بچاءُ ٿي سگهي اهو سڀ حڪومتن جي هٿ وس هوندو آهي ۽ حڪومتون انساني تاريخ ۾ اهڙن واقعن مان گذرنديون به آهن ته گذرنديون رهن به ٿيون نتيجي ۾ اهڙن واقعن مان ڪجهه پر ايئن به ٿيون ۽ ايندڙ وقت لاءِ اهڙيون رٿائون به جوڙين ٿيون جن وسيلي ڪنهن به طرح تباهه ڪاريءَ مان بچي سگهجي ۽ بچڻ کانپوءِ ترت ان نقصان جو پوراءُ به ڪري سگهجي.ڇا لاءِ ته اهڙي ذميواري مٿن لازمي جڙي ٿي جو هو حڪمران آهن، اهي پنهنجي عوام جا واهرو آهن

هت نه صرف تازين برستان ۽ ٻوڏن جو تجربو ٻڌائي ٿو پر ماضيءَ جا ڪيترائي تجربا ٻڌائي رهيا آهن  ته هن ملڪ جي حڪمرانن ڪرپشن ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به پرايو نه آهي، جنهن جو تازو مثال هي برساتون ۽ ٻوڏون آهن جن جا سبب ميڊيا ٻڌائي چڪي آهي. جنهن تي عوام اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته عوام جو پنهنجن حڪمرانن تي اعتبار نه آهي ۽ حڪمرانن جو پنهنجي زبان تي اعتبار نه آهي. ڇو ته سندن قول ۽ فعل الڳ آهن.

عوام جيڪا هن وقت شديد ڏک جي گهڙين مان گذري رهي آهي ان وقت حڪمرانن جو فرض ته اهو آهي ته اهي پنهنجي عوام جي ڏک جي گهڙين ۾ ساڻس گڏ هجن، ان جي ڏکين گهڙين ۾ کين اهڙو آٿت ڏين جو انهن ۾ هنن ڏکين حالتن مان نڪري اچڻ جو حوصلو پئدا ٿئي پر  اسان وٽ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، ملڪ ڏي نه وڃي صرف سنڌ جي حڪمرانن ڏانهن ڏسجي ٿو ۽ سندن ٻولي ٻڌجي ٿي اندر ۾ هڪ ڌڪار جنم وٺي ٿي. وڌيڪ ڌڪار جو سبب حڪومت جا اهي عمل آهن جيڪي هر ٻئي ڏينهن عام ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر سمجهيا پيا وڃن.

حيرت جي حد آهي ته جمهوريت جي نالي ۾ هلندڙ حڪومت جا وزير ۽ صلاحڪار توڙي ڀوتار پنهنجي سمورن ڪڌن عملن ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجندي به اهڙي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن جيڪا کين بنهه نه ٿي جڳائي، جڏهن سنڌ صوبي جو وڏو وزير جنهن جي ذميوارين ۾ سنڌ جي ماڻهن جو تحفظ اول ترين مشن هجڻ گهرجي اهو چوي ته سموري سنڌ پاڻي هيٺ آهي ان ڪري انهن جي کاڌي پيتي جي  لاءِ ڪابه مدد ڪرڻ کان قاصرآهيون! کيس سوچڻ گهرجي ته  هنن حالتن ۾ ئي اوهان تي ذميواري اچي ٿي ته ماڻهن جي کاڌي پيتي جي مدد ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌ پاڻيءَ هيٺ نه هجي ها ته ماڻهو کين جهڙن نااهل حڪمرانن کي مدد لاءِ ڇو چون ها ۽ مٿس مدد آسري ڇو رهن ها! هيءُ ئي وقت آهي. اوهان کي سٺي حڪمرانن ثابت ٿيڻ جو کن لاءِ انهن جي بيوسي عوام قبول به ڪري پر اوهان ته اهڙا ناڪام ثابت ٿيا آهيو جيڪي پنهنجي اختيار کي استعمال ڪرڻ وارو حق به وڃائي ويٺا آهيو. جيڪو اوهان جي قلم وسيلي ٿيڻ گهرجي اهو به اوهان نه ڪري سگهيا آهيو.

اڄوڪي ميڊيا ۾ نه وڃجي تڏهن به سبزين، دالين، گيهه، اٽي وغيره جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ته حڪومت جي وس ۾ آهي جيڪو به هوءَ نه سگهي آهي ان عمل کي حڪومت قبول ڪرڻ خود هڪ سوال آهي.

زندگي ۽ موت جي هنن ويڙهه وارين گهڙين ۾ حڪمرانن جيڪو رليف عوام کي ڏنو آهي، اهو ته ساريو پيو آهي پر اها ته ايترو به نه ڪري رهي  آهي جيترو سندس هٿ ۾ آهي ته اها کاڌي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول به نه  ڪري آهي سڀ شيون سنڌ پيدا ڪري ٿي. سنڌ حڪومت  انهن جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوزيشن به وڃائي ويٺي آهي.

سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته اها ڀل عوام کي امداد ميسر ڪرڻ جي قابل نه هجي کيس کاڌي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي قابل ته بڻجڻ تي گهرجي، ۽ اهڙي قابل نه ٿيڻ جي صورت ۾ هوءَ پنهنجي وزيرن مشيرن ۽ ڀوتارن جي سنڌ جي الڳ الڳ حصن ۾ ٿيندڙ آبرو ڏسي رهي آهي جيڪا آبرو حڪومت ئي آهي ان جو بچاءُ ڪرڻ سندس اولين فرض آهي اهو فرض کيس ايمانداري سان ادا ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ جو مانيءَ ڳڀي لاءِ عوام جا کڄندڙ هٿ سندن ڳچئين تائين پهچن ۽ اهو سڀ آواز کانسواءِ ٿيندو آهي، مذهبن ۾ قبول ڪيل آهي ته خدا جي لٺ کي آواز نه هوندو آهي. شايد خدا جي خلق جي لٺ ۾ به آواز نه هجي. اهو سڀ وسارڻ نه گهرجي اسان پاران سنڌ حڪومت کي ايترو ئي چوڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.