جروار جي برسات متاثرن سنڌ سرڪار کان واهر جي اپيل

جروار جي برسات متاثرن سنڌ سرڪار کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.

تازين برساتن کانپوءِ جروار، ڳوٺ ميرخان گبول ،ميوو بوزدار، صاحب خان، علي آباد، عبدالوھاب ۽ ٻين ڳوٺن ۾سوين گھر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.

اجها ڊهڻ کانپوءِ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن پر ضلعي انتظاميا توڙي ڪنهن به چونڊيل نمائندي سندن سار ناهي لڌي.

سندن چوڻ آهي ته برساتن کانپوءِ ڪنهن به سار ناهي لڌي جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون.

متاثرن جو چوڻ آهي ته برساتن کانپوءِ پاڻي جمع ٿيڻ توڙي مڇر مار اسپري نه ڪرائڻ سبب معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد مليريا، گيسٽرو سميت مختلف بيمارين وٺجي ويا آهن.

هنن سڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن واهر ڪري ڏکيائيون کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.