جيڪولين فرنينڊس جي جان نه ڇٽي، عدالت طرفان ٻيهر طلبي

مشهور باليووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ تازو هڪ ڀيرو ٻيهر جاچ لاءِ پوليس جي سامهون پيش ٿي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا کي دهلي پوليس جي اڪنامڪ آفينسز ونگ پاران ٻه سو ڪروڙ جي مني لانڊرنگ ڪرڻ جي ڪيس ۾ جاچ لاءِ ٽيون ڀيرو گهرايو ويو آهي

ان کان اڳ دهلي پوليس اداڪارا کي جاچ لاءِ اڻٽيهه آگسٽ ۽ ٻارنهن سيپٽمبر تي گهرايو هو

ان ڪيس ۾ اداڪارا جو مبينا بواءِ فرينڊ سڪيش چندر شيکر پهريون ئي گرفتار ٿي چڪو آهي

دهلي پوليس جيڪولين فرنينڊس سان سڪيش چندر شيکر سان لاڳاپن ۽ ان سان ملڻ وارن تحفن بابت پڇاڳاڇا ڪئي جڏهن ته جاچ ۾ اهو به پڇيو ويندو ته اداڪارا ڪيترا ڀيرا سڪيش سان ذاتي حيثيت ۾ ملي ۽ ڪيترا ڀيرا فون تي رابطو ڪيو

دهلي پوليس ان ڪيس ۾ پنڪي ايراني کي به گهرايو آهي جنهن جيڪولين سان رابطي ۾ سڪيش جي مدد ڪئي هئي

ذريعن موجب جيڪولين فرنينڊز ۽ پنڪي ايراني کي آمهون سامهون وهاري جاچ ڪئي ويندي جڏهن ته پوليس اداڪارا سان ڪيترائي ڪلاڪ ڊگهي جاچ ڪري سگهي ٿي ۽ امڪان آهي ته ٻي ڏهاڙي به کيس گهرايو وڃي

رپورٽ موجب ان ڪيس ۾ دهلي پوليس جي هڪ ٽيم ڪجهه ڏينهن پهريان باليووڊ اداڪارا نورا فتيحي کان اٽڪل ڇهن ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي هئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.