يوڪرين جو طوفاني حملو ، روسي فوج پوئتي هٽڻ تي مجبور

ڪيف ( ويب ڊيسڪ ) ڪيئي مهينن تائين جاري رهندڙ ويڙهه بعد يوڪرين هڪ وڏو جوابي حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اتر اوڀرين علائقن جو هڪ وڏو حصو واپس حاصل ڪيو ويو آهي.

يوڪرين جي ان طوفاني حملي ۾ قابض روسي فوج پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

يوڪرين جي ڏکڻ ڪمان چيو آهي ته سندن فوج ڏکڻ ۾ 500 مربع ڪلوميٽر علائقي تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 روسي فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته سندن 20 کان وڌيڪ جنگي اوزارن کي تباهه ڪيو ويو آهي.

يوڪرين جي صدر والاديمير زيلنسڪي گذريل رات پنهنجي خطاب ۾ چيو  ته سپٽمبر جي شروعات کان وٺي هينئر تائين ، اسان جي فوجين يوڪرين جي اوڀر ۽ اولهه ۾ ڇهه هزار مربع ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقو آزاد ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته اسان جي فوج اڳتي وڌي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.