واٽس ايپ تي هاڻي موڪليل پيغامن کي نئون ڪري سگهجي ٿو

دنيا جي مشهور انسٽنٽ ميسينجنگ ايپلي ڪيشن واٽس ايپ پاران ڊيسڪ ٽاپ تي ميسيج کي ايڊٽ ڪرائڻ جي آپشن تي ڪم جاري آهي، ان ۾ ايڊٽ جو فيچر آڻڻ تي تجربو ٿي رهيو آهي

واٽس ايپ کان پهريون ان ڪمپني جي سوشل ويبسائيٽ فيس بوڪ ۽ شيئرنگ ايپلي ڪيشن انسٽاگرام تي به ايڊٽ بٽڻ جي سهولت هوندي جڏهن ته تازو ئي ٽوئيٽر تي به اهڙو بٽڻ متعارف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

واٽس ايپ بابت ڪجهه مهينا اڳ به اهڙي خبر سامهون آئي هئي ته ايپلي ڪيشن ايڊٽ بٽڻ تي تجربو ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي ان کي متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو

پر ان حوالي سان تازي خبر اها آهي ته ڪمپني اينڊرائڊ کانسواءِ ڊيسڪ ٽاپ جي واهپيدارن لاءِ به ايڊٽ بٽڻ کي متعارف ڪرڻ واري فيچر تي تجربو ڪري رهي آهي

ماهرين چيو آهي ته ڪجهه وقت ۾ مخصوص واهپيدارن لاءِ ڊيسڪ ٽاپ تي ايڊٽ جو آپشن هوندو جڏهن ته ڪجهه ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ تي ئي اهو دستياب هوندو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڊٽ بٽڻ هڪ ئي وقت ڊيسڪ ۽ اسمارٽ موبائيل جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.