پاڪستان ۾ 12 سيپٽمبر تي سوڳ ملهايو ويندو!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانوي راڻي الزبٿ (ٻي) جي لاڏاڻي تي پاڪستان ۾ 12 سيپٽمبر تي سوڳ جو ڏينهن ملهايو ويندو.

وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب 12 سيپٽمبر تي سوڳ جي ڏينهن جي موقعي تي قومي پرچم جهڪيل رهندو.

وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزارت جي سفارش تي سوڳ جي ڏينهن جي منظوري ڏني.

واضح رهي ته 8 سيپٽمبر تي برطانوي راڻي جو لاڏاڻو ٿيو هو ۽ ان جون آخري رسمون سومر 19 سيپٽمبر تي ادا ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.