صبور علي پاڻ کي ”پاڪستان جو شاهه رخ خان“ سمجهڻ لڳي!

 

خوبصورت اداڪارا صبور علي چيو آهي ته مون کي لڳندو آهي پاڪستان جي شاهه رخ خان ۽ سلمان خان آهيان.

صبور علي تازو هڪ ويب شو ۾ پنهنجي شوبز ڪيريئر بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته ڊرامي سيريل ”مشڪل“ ۾ مون سان گڏ مک ڪردار نڀائيندڙ خوشحال خان مون کان عمر ۾ 5 سال ننڍو آهي.

هن چيو ته خوشحال سان ڪاسٽ ٿيڻ تي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ مان شاهه رخ يا سلمان خان آهيان، ڇو ته بالي ووڊ خان اڪثر ننڍي عمر جي عورتن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.