جوهي چاولا جو پاڪستان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ يومِ آزادي تي ڪيائين انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) جوهي چاولا باليووڊ جي مشهور اداڪارا، فلم پروڊيوسر ۽ سيڙپڪار آهي جنهن پنهنجي اداڪاري جي شروعات 1980 جي آخر ۾ ڪري وڏي شهرت حاصل ڪئي، هن ڪيترين ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري ڪري ايوارڊ ماڻيا.

تازو آزادي واري ڏهاڙي تي جوهي چاولا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڪيئن هوءَ پاڪستان سان تعلق رکي ٿي.

هن چيو ته ورهاڱي بعد سڄو ڪٽنب لڏي هندستان آيو پر سندس ماسي پاڪستان ۾ رهي ڇاڪاڻ ته سندس شادي پاڪستان جي مشهور فلم پروڊيوسر جي سي آنند سان ٿي.

هن ٻڌايو ته سندس ڪجهه ڪزنز هن وقت ڪراچي ۾ رهندا آهن جن سان ملڻ هوءَ اڪثر پاڪستان ايندي آهي.

هن انٽرويو ۾ چيو ته سندس ڏاڏو پاڪستان ۾ وڏو بيرسٽر ۽ جاگيردار هيو جنهن ورهاڱي وقت وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ لڏي ڀارت آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.