عمران خان طرفان ملعون سلمان رشدي تي قاتلاني حملي جي مذمت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آمريڪا ۾ ملعون سلمان رشدي تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ليکڪ خلاف مسلمانن جي ڪاوڙ سمجهه ۾ اچي ٿي پر حملي جو جواز نٿو ٺهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته منهنجي خيال ۾ هي ڀوائتو، افسوس جوڳو عمل آهي.

عمران خان چيو ته سلمان رشدي سمجهي ويو ڇو جو هو هڪ مسلمان گهراڻي سان واسطو رکي ٿو، هو اسان جي دلين ۾ واسو ڪندڙ پيغمبر جي محبت، احترام کي ڄاڻي پيو، پر جيڪو ٿيو ان جو جواز نٿو ٺهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.