گرين لائن بس سروس ٽن ڏينهن لاءِ بند

ڪراچي (رپورٽر) محرم الحرام جي مناسبت سان ٽيڪنيڪي بنيادن تي گرين لائن بس سروس اڄ کان ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي آهي. گرين لائن بي آر ٽي ايس جي ترجمان موجب عاشوري جي ڏينهن جي سلسلي  ۾ 7، 8 ۽ 9 آگسٽ تي گرين لائن بس سروس کي بند رکيو ويو آهي واضح رهي ته گرين لائن بس سروس جي آخري ۽ مرڪزي اسٽيشن نمائش چورنگي ڀرسان ٽن ڏينهن تائين عاشوري جي ڏينهن جي سلسلي ۾ جلوس نڪرندو آهي. سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي علائقي کي مڪمل طور سيل ڪيو ويندو آهي، گڏوگڏ اهو به خيال ڪيو ويندو آهي ته عاشوري واري ڏينهن جي ڪري سرڪاري موڪلن ۽ ٻين مصروفيتن سبب مسافر موجود نه هوندا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.