نوجوان پنهنجي حقن لاءِ نااهل حڪمرانن خلاف جدوجهد شروع ڪن: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وقت جي جبر ظلمن سبب نوجوان مايوس ٿي رهيا آهن، نوجوانن کي پنهنجي حقن لاءِ نااهل حڪمرانن خلاف ڀرپور جدوجهد شروع ڪرڻ گهرجي. زميندار، جاگيردار ۽ ڪرپٽ سرمائيدار اقتدار کي پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ عام پڙهيل لکيل نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن. وچولي طبقي ۽ غريب نوجوانن کي ميرٽ تي اڳتي وڌڻ جا موقعا غائب ٿي ويا آهن رڳو حڪمرانن جي ٻارن جو محفوظ مستقبل آهي. پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽر ڊگري هولڊر ٻئي گريڊ جي نوڪرين لاءِ قطار ۾ بيٺا آهن. هن چيو ته صرف جماعت اسلامي وراثت کان آزاد آهي جنهن ۾ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا آهن. هن چيو ته  قوم حڪمرانن جي بيان ۾ تبديلي جي دلچسپ راند ڏسي رهي آهي. جيڪو بيان ڪالهه مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ موجوده وزيراعظم ڏنو هو، اڄ پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم به اهو ئي ڳالهائي رهيا آهن. خراب حڪمراني ۽ ناقص معاشي پاليسين سبب ملڪ آءِ ايم ايف جي غلاميءَ ۾ اچي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.