خيرپور لڳ عورت پاران آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل

خيرپور (س ر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ دراز جوڻيجو ۾ نوجوان عورت مهتاب جوڻيجو مائٽن سان ناراض ٿي زهر پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور جي انتهائي نگهداشت شعبي ۾ داخل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ ۾ مصروف آهن ، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مسمات مهتاب جوڻيجو معمولي ڳالهه تان مائٽن سان ناراض ٿي جيت مار زهريلي دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.