شهدادڪوٽ: پ پ شهيد ڀٽو جو پوليس عملدار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران پوليس عملدار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن منير بروهي، طارق جروار، ذوالفقار مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پارٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي ايس ايڇ او رفيق کيرو بااثرن جي چرچ تي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ اظھر جروار کي کنڀي 3 ڏينهن بعد بلوچستان کان ڪيس ظاهر ڪري پوليس گردي ڏيکاري آهي.

هنن چيو ته ايس ايڇ او سجاول لڳاتار هڪ سال بااثرن جي چرچ تي اظهر جروار تي ظلم ڪري رهيو آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

ڪارڪنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته سجاول ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.