محرم الحرام دوران پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ محرم الحرام جي دوران پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. گهرو وزارت طرفان پاڪ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب چئني صوبن جي درخواست بعد اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايوويو آهي ته محرم الحرام جي موقعي تي پاڪ فوج جا جوان سول آرمڊ فورسز سان گڏ فرض انجام ڏيندا. نوٽيفڪيشن موجب پنجاب، سنڌ، ڪي پي، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فوج مقرر رهندي ۽ صوبا جتي مناسب سمجهندا اتي وڌيڪ مقرري ڪندا. نوٽيڪفيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوج کي آرٽيڪل245 تحت مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پڻ محرم الحرام دوران فوج مقرر هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.