ٿاڻي بولا خان ۾ هوٽل تي ستل پيرسن ڪهاڙيون هڻي قتل

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ)ٿاڻي بولاخان جي علائقي ريڪ ۾ ڳوٺ حاجي نبي بخش باريجو ۾ اڻ ڄاتل ماڻھن ھوٽل تي ستل پيرسن محمد امين باريجو کي مٿي ۾ ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو پيرسن  امين باريجو پٽ الله بخش باريجو  کي مٿي ۾ ڪھاڙين جا ڌڪ لڳل ٿاڻوبولاخان پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن سان گڏ پيرسن جي لاش کي پوسٽ مارٽم لا تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان منتقل ڪيو پوليس جو چوڻ آھي ته پيرسن پنھنجي ھوٽل تي ستل ھو سندس مٿي ۾ ڌڪ لڳل آھن حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ ڪجھه چئي سگھبو پيرسن جي ڀاءُ شفيع محمد باريجو ٻڌايو ته ڀاءُ ھوٽل تي ستل ھو خبر ناھي ڪير کيس ڌڪ ھڻي قتل ڪري ويو اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي، رات 11 وڳين تائين ڀاءُ سان ھوٽل تي گڏ ھئاسين صبح ھوٽل تي سندس مٿي ۾ ڌڪ لڳل ھئا مئل حالت ۾ مليو اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف ٿاڻي بولاخان تعلقي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.