مراد شاهه جي ٻٽي شهريت جو معاملو اڃا تائين حل ناهي ٿيو: علي زيدي

ڪراچي(رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته مراد علي شاهه جو ٻٽي شهريت جو معاملو اڃا تائين حل  ناهي ٿيو، جڏهن ته فيصل واوڊا کي فارغ ڪيو ويو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شازيه مري جو به جعلي ڊگري ڪيس ڪڏهن کان هلي رهيو آهي، فريال ٽالپر ۽ شازيا مري تي ڪيس آهن، انهن جو فيصلو ناهي ٿيو، عدالت جو حڪم آهي ته اليڪشن ڪميشن سمورين جماعتن جا فيصلا گڏ ٻڌائي، هن چيو ته اليڪشن ۾ شرجيل ميمڻ 2 ارب رپيا اشتهارن تي خرچ ڪري رهيو آهي، اسان نالا صاف ڪرائي انهن جي حوالي ڪيا، ملڪ ۾ غربت وڌي وئي آهي، مڊل ڪلاس ختم ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ ايندڙ بحران ڪڻڪ جو اچي رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.