عمران ۽ ساٿين کي 7 سالن جي سزا ٿي سگهي ٿي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي ورڪرز جي  عدالت (ڪٽهڙي) ۾ ڏوهاري ثابت ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن فقط سزا ناهي ٻڌائي،  باقي سڀ ڪجھ چارج شيٽ عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي خلاف ڏئي ڇڏي آهي. قانون ۽ آئين جي مطابق عمران خان نااهل ٿي چڪو آهي ۽ پي ٽِي آءِ  پابندي مڙهيل جماعت بڻجي چڪي آهي. عمران خان ۽ ان جي ساٿارين کي گھٽ ۾ گھٽ 7 سالن جي سزا ٿي سگھي ٿي. وفاقي حڪومت چاهي ته عمران خان کي فوري طور تي گرفتار ڪري سلاخن پٺيان وجھي سگھي ٿي. ثبوت موجود آهن ته عمران خان سنگين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کان فنڊ ورتا. جنهن ۾ انٽرنيشنل ڊرگ پيڊلرز به شامل آهن. انهن خيالن جو اظهار ھن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ٻيلن وارو صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپور، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر گهنور خان ايسراڻ به ان موقعي تي موجود هئا .صوبائي وزير چيو ته عمران خان ۽ ان جي جماعت غير ملڪي ڪمپنين ۽ غير ملڪي ماڻهن کان فنڊنگ وصول ڪئي جنهن جي آئين ۽ پاڪستان جو قانون اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي موقعو ڏنو ويو ته سنڌ حڪومت انهن جي چڱي ڀلي خاطر تواضع ڪندي. سنڌ ھون به مهمانوازي لاءِ مشهور آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.