اسان معاشي طور آءِ ايم ايف جا غلام آهيون: وزيراعظم

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هيءَ ڪهڙي آزادي آهي جو اسان معاشي طور تي آءِ ايم ايف جا غلام آهيون.

پشاور ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ لڳايل ڪئمپ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪريو.، آخري آفت سٽيل گهر جي بحالي تائين سڪون سان نه ويهندس.

ان موقعي تي آءِ ايم ايف کان قرض جي حوالي سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته 75 ورهين ۾ اسان ملڪ لاءِ ڇا ڪيوآهي، هي ڪهڙي آزادي آهي جو معاشي طور تي اسان آءِ ايم ايف جا غلام آهيون.

وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان متحد هجون ته ڪائي مشڪل، ڪو به جبل اسان جي رستي ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي، اتحادي حڪومت گڏجي ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.