لاڙڪاڻي جي حساس قرار ڏنل امام بارگاهه تي سوين اهلڪار مقرر

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضٰي ڪلهوڙو) ايس ايس پي  لاڙڪاڻو ضلعي اندر نائين ۽ ڏهين محرم الحرام جي ڏهاڙن دوران امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن. پوليس انتظاميه پاران ضلعي جي حساس قرار ڏنل امام بارگاهن تي رينجرس ۽ پوليس جي نفري مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پوليس شهر اندر داخلي رستن تي سخت چيڪنگ ڪرڻ سان گڏ هوٽلن پڻ تلاشي وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته محرم الحرام دوران امن امان کي يقني بڻائڻ لاءِ ڦول پروف انتظام ڪيا ويا آهن ۽ حساس ۽ حساس ترين امام بارگاهن تي 200 رينجرس جي جوانن سان گڏ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ سڄي ضلعي اندر 3300 پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته شهر ۾ شڪي ماڻهن تي نظر رکڻ لاءِ 300 جي لڳ ڀڳ ڪلوز سرڪٽ ڪئمرائون لڳايون ويو آهن ۽ ايس ايس پي آفيس ۾ مانيٽرنگ روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن لڳايل ڪئمرائن ذريعي شڪي ماڻهن تي نظر رکي سگهجي هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي 4 علمائن مولانا فيض محمد ڪلهوڙو، مولانا عبدالقدوس پنهور، مولانا عبدلجبار شيخ ۽ ذاڪر قمر عباس تي پابندي مڙهي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.