ڇاڇرو ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو جا هاڃا، اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ، مريض دربدر

ڇاڇرو (رپورٽ يعقوب بجير ) ڇاڇرو ۾ ڏاهلي تعلقن ۾ گيسٽرو جي وبا تيزي سان پکڙجڻ لڳي ٻنهي تعلقن جي ٻهراڙي جي مختلف ڳوٺن سوکرو،ساڪريو، هنجيتل، ڪاڳيا، رڙياڙو، علڻ آباد کهاڻو، ڇاپر، جيتي جو تڙ،  ڪرانگڙي،کيمي جو پار سميت ٻين ڪيترن  ئي ڳوٺن ۾ گيسٽرو تيزي سان پکڙجي رهي آهي .ڳوٺن ۾ قائم گورنمينٽ ڊسپينسرين ۾ علاج جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن جنهن سبب هلندڙ هفتي ڇاڇرو تعلقي اسپتال م گيسٽرو جي مريضن جي رڪارڊ او پي ڊي ٿي آهي . ڇاڇرو تعلقي اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته گيسٽرو جي مريضن ۾ روز جي بنياد تي تيزي اچي رهي آهي،ٽن ڏينهين ۾ رڪارڊ او پي ڊي ٿي آهي. تازو برساتن کان برسات جو واپرائڻ سبب گيسٽرو منهن ڪڍيو آهي، جڏهن ته مريضن جو انڳ وڌڻ سبب سهولتن جي شديد کوٽ ٿي ويئي آهي ان حوالي سان مختلف ڳوٺن کان  مريضن سان گڏ آيل وارثن جو چوڻ آهي ته ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ قائم گورنمينٽ ڊسپينسرين ۾ علاج جون ڪي به سهولتون ميسر ناهن ، اسانجي ڳوٺن ۾ ڊسپينسريون  هوندي به گيسٽرو جي مريضن کي هڪ فليجل به نٿي ملي جنهن سبب گاڏين جا ڳرا ڪرايا ڀري ڇاڇرو،عمرڪوٽ جي اسپتالن تائين مريض کڻي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهيون رهواسين صحت کاتي ٿرپارڪر ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ڳوٺن جر ڊسپينسرين ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.