گلشن ۾ جوابدار اسٽيل ۽ سيمنٽ ڊپو تان ڦر ڪري فرار

گلشن اقبال (ن ع آ ) ڪراچي جي علائقي يوسي 10 ڀٽائي آباد ۾ ماشاءَ الله اسٽيل ۽ سيمنٽ ڊپو کان ڏينهن ڏٺي 2 هٿياربند هڪ لک 17 هزار  رپيا روڪ رقم ۽ سمارٽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، دڪان مالڪ سيمنٽ جي واپاري دلشاد هاجاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪالهه منجهند 2 کان اڍائي وڳي جي وچ ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند دڪان تي سيمنٽ وٺڻ بهاني آيا ۽ هٿيار جي زور تي هڪ لک 17 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربند چارجنگ تي لڳل سمارٽ فون به کڻي ويا آهن، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ڪراچي، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او ملير ڪينٽ کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦر واپس ڪرائي جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.