خيرپور ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب 10 ڀاتي بيهوش، اسپتال داخل

خيرپور (س ر) خيرپور ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش ، اسپتال منتقل ، ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته خيرپور ڀرسان وڏا ماڇيون جي ڳوٺ غفار شاهه ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 10  ڀاتي حسن احمد ، علي معاويه ، انيس الرحمان ، جنسار ، صدوران ، شاهزيب ، عائشه خاتون ، ربينا خاتون ، زڪيا ۽ سفيا بيهوش ٿي ويون جن کي سندس وارثن طرفان سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج جاري آهي ، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيهوش ٿيندڙ بازار مان کنڀيون خريد ڪري کنڀين جي ڀاڄي پچائي هئي جڏهن ته کنڀيون زهريليون هيون جنهن کي کائن سبب  هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش ٿي ويا هئا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.