شيخ رشيد اتحادي حڪومت جي ميمبرن کي وڏو چئلينج ڏئي ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد پي ڊي ايم ميمبرن کي چئلينج ڏنو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان بابت لکيو ته مولانا جا ڌمڪين وارا بيان وڌيڪ ڏڦيڙ پيدا ڪندا.

 اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته چاڪليٽ وڪرو ڪندڙ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اٽي ۽ گيهه بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي.

هن چيو ته 3 رپيا پيٽرول سستو ۽ 9 رپيا ڊيزل ۾ مهانگي ڪرڻ قوم سان ڀوڳ برابر آهي، حڪمرانن جا ذاتي ڪارخانا ٺيڪ هلي رهيا آهن ۽ غريبن جي گهر جو خانو خراب ٿي ويو آهي.

اڳوڻي گهرو وزير اتحادي پارٽين جي ميمبرن کي چئلينج ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جرئت اٿوَ ته پي ڊي ايم جي اجلاس بدران عوام وٽ پنهنجي صفائي پيش ڪيو، هر مهيني 200 فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن ۽ ڏوهن ۾ سئو سيڪڙو واڌ آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.