رياض پيرزاده پاران نوشهري فيروز ۾ عورت تي تشدد واري واقعي جو نوٽيس

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده نوشهرو فيروز ۾ عورت تي تشدد واري واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. وفاقي وزير ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي هدايت ڪئي آهي، ته هن واقعي جي ايف آءِ آر جي نقل ڪاپي فراهم ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ڌرين کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هن چيو ته انصاف جي فراهمي حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ۽ ڪنهن کي به تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ڌرين خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.