اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آھي تھ پهرين بند ڪمرن ۾ جيڪي فيصلا ٿيندا هئا، هاڻي اُهي نه ٿيندا، هاڻي جيڪي ووٽرز کي دوکو ڏيندا، اُنهن جي ڪابه حيثيت نه هوندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته 20 ڏينهن اڳ حڪمران اتحاد جي اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ٿي هئي، پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ھن ٻڌايو تھ اليڪشن ڪميشن ٽنهي پارٽيز جي ڪيس تي فيصلو ٻڌائي ته جيئن عوام کي ڀيٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي،