دعا بازياب ٿي وئي، جاچ جو بئنڪ اڪائونٽس سان تعلق ناهي: عدالت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ دعا زهرا جي ننڊي عمري جي شادي واري ڪيس ۾ ظهير ڪيس ختم ڪرڻ جي لاءِ داخل درخواست تي گهروکاتو ،دعا زهرا جي پي مهدي ڪاظمي ،ايس ايچ او ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته اسان 17اپريل جو پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي .18اپريل تي دعا مجسٽريٽ جي آڌو بيان جاري ڪيو .نڪاج قانون گهريون پوري ڪيون آهن .ڪيس ۾ غير قانوني طور تي حراسان ڪيوپيو وڃي .ساڳي عدالت ۾ ظهير جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت پوليس حڪام کي قانون موجب عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو آهي .ظهير جي وڪيل چيو ته ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ بجٽ جي ڪري ظهير جي جان خطري ۾ آهي .جسٽس اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيس تي لائيو پروگرام ٿي ٿيندااوهان ضمانت گهري رهيو آهيون ته هو ملي وئي آهي .اوهان جي درخواست جو مقصد پورو ٿي ويو آهي .عدالت ۾ ظهير ۽ ڀاءِ شبير جي بئنڪ اڪائونٽيس بحالي واري درخواست جي ٻڌئي دوران عدالت ظهير جي فيملي جا بنئڪ اڪائوئٽس بحال ڪرڻ جو حڪم ٿيندي پنهنجو اڳوڻو حڪم نامو واپس وٺڻي ڇڏيوآهي .اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ سي آءِ اي کي عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .عدالت ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي وڪيلن اڪائوئٽس بحال ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي .درخواستگذار جي وڪيل چيو جيڪي درخواست داخل هئي هو 8جون تي اڪلائي وئي آهي .مقصدپورو ٿي ويو آهي .عدالت چيو ته ڪيس وڌو ساده آهي دعا زهرا بازياب ٿي وئي آهي باقي جاچ جو بئنڪ اڪائوئٽس سان ڪابه تعلق نه آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.