چوڌري شجاعت ملڪ جي موجوده صورتحال تي وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جا سياسي ڪارڻ آهن.

هڪ بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ايترو وڏو بحران آيو جو معيشت خراب طريقي سان متاثر ٿي آهي.

هن چيو ته سڀ سمجهي رهيا آهيون ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جا سياسي ڪارڻ آهن، انهن سياسي معاملن سان غريب ماڻهو جو ڪو واسطو ناهي، عام ماڻهو مهانگائي سان پريشان آهي، جنهن لاءِ سموريون پارٽيون گڏجي ويهي حل ڪڍن.

سندس چوڻ هو ته سياسي پارٽيون اختلاف نه ٿيون وسارڻ چاهين ته نه وسارين پر اختلاف في الحال پاسي تي رکن، سمورا اختيار ڌڻي هڪ ايجنڊا يعني معيشت جي بهتري لاءِ سوچين، ڇاڪاڻ ته هاڻوڪين حالتن ۾ ورڪنگ رليشن شپ ٿيڻ گھرجي، جيئن ملڪ جا معاملا بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلي سگھن ۽ تعصب جو شڪار نه ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.