ظابطن جي ڀڃڪڙي، گوگل تي ڪروڙين ڊالرز ڏنڊ

ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روس طرفان ڪامپيٽيشن ظابطن جي ڀڃڪڙي تي گوگل تي 34.2 ملين ( 3 ڪروڙ 42 لک ) ڊالرز ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

روس جي ڪامپيٽيشن واچ ڊاگ طرفان ويڊيو هوسٽنگ مارڪيٽ ۾ سندس پوزيشن متاثر ڪرڻ تي گوگل تي ٻه ارب روبيل ( اٽڪل  ڪروڙ 3 42 لک ڊالر ) جو ڏنڊ هنيو ويو .

فيڊرل اينٽي مونو پولي سروسز ( ايف اي ايس ) جو چوڻ آهي ته گوگل طرفان يوٽيوب ويڊيو هوسٽنگ سروسز ماڪريٽ ۾ سندن پوزيشن کي بنا ڪائي تفصيل ٻڌائڻ جي متاثر ڪيو آهي.

روسي ايڪشن بابت ڳالهائيندي گوگل جو چوڻ آهي ته اسان سرڪاري لکت جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.